اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين ڊي ايم اي 12 کان 17 اپريل تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
اڳڪٿي موجب اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخواهه، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ وقفي وقفي سان مينهن وسندو.
نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.
موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪري، رفتار گهٽ رکي وڃي، ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
You might also like