”اڀي نا جائو ڇوڙ ڪَر“: ليجنڊري گلوڪارا آشا ڀوسلي ديهانت ڪري وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ليجنڊري گلوڪارا آشا ڀوسلي 92 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب آشا ڀوسلي کي ڇنڇر ڏينهن طبعيت ناساز ٿيڻ تي ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گلوڪارا کي سيني ۾ انفيڪشن سبب اسپتال داخل ڪيو ويو، سندس لاڏاڻو ڪيترائي عضوا ڪم ڇڏڻ سبب ٿيو.
ليجنڊ گلوڪارا جي پٽ آنند ڀوسلي ٻڌايو ته آخري رسمون سڀاڻي شام ادا ڪيون وينديون.
آشا ڀوسلي کي ڀارتي موسيقي جي تاريخ جي سڀ کان مقبول ۽ بااثر آوازن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، هن پنهنجي فني سفر جي شروعات 1943 ۾ رڳو 10 ورهين جي عمر ۾ ڪئي، کيس ڪلاسيڪي موسيقي جي تربيت سندس پيءُ دينا ناٿ منگيشڪر ڏني.
پنهنجي ڊگهي ڪيريئر دوران هن 20 مختلف ٻولين ۾ 12 هزار کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪيا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ بالي ووڊ فلمن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو، خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 7 فلم فيئر ايوارڊن سميت ڪيترن ئي قومي اعزازن سان به نوازيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.