ايران سان حتمي معاهدو طئي نه ٿي سگهيو، آمريڪي وفد واپس روانو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران سان ڊگهيون ڳالهيون ٿيون پر ڪنهن حتمي معاهدي تي نه پهچي سگهياسين، بنا ڪنهن ڊيل جي واپس وڃي رهيا آهيون.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي ڊي وينس چيو ته اسان جون ايران سان ڊگهيون ڳالهيون ٿيون پر بري خبر اها آهي ته حتمي معاهدي تي نه پهتاسين، اها آمريڪا کان وڌيڪ ايران لاءِ بري خبر آهي.
هن چيو ته اسان ڳالهين ۾ نيڪ نيتي سان شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا شرط واضح طور تي پيش ڪيا آهن، ايران آمريڪي شرط تسليم نه ڪرڻ جي چونڊ ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ايراني وفد جي واتان جوهري هٿيارن بابت ڪو واضح عزم نه ٻڌو، اسان کي واضح تصديق گهرجي ته ايران جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو.
پريس بريفنگ دوران هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا ٿورا مڃيا، پوءِ هو وفد سان گڏ واپس آمريڪا روانو ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.