تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ آمريڪا سان ڳالهيون ڪندڙ ٽيم جي سربراهه محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا ايران جي منطق ۽ اصولن کي سمجهي ورتو آهي.
آمريڪا سان ڳالهين جي خاتمي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد باقر قاليباف چيو ته ڳالهين جي عمل کي آسان بڻائڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، ڳالهين کان اڳ مان ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته اسان وٽ نيڪ نيتي ۽ ارادو آهي، گذريل ٻن جنگين جي تجربن سان اسان کي مخالف ڌر تي ڪو اعتماد ناهي.
هن چيو ته ڳالهين ۾ مخالف ڌر ايراني وفد جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، آمريڪا ايران جي منطق ۽ اصولن کي سمجهي ورتو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اهي فيصلو ڪن ته اسان جو اعتماد حاصل ڪري سگهن ٿا يا نه.
سندس چوڻ هو ته ايراني قوم جي حقن جي پاسداري لاءِ فوجي جدوجهد سان گڏ ڊپلوميسي کي ٻيو طريقو سمجهون ٿا، ايران 90 ملين ماڻهن جو ملڪ آهي، سپريم ليڊر جي حڪم تي روڊن تي نڪرندڙ بهادر ايرانين جو ٿورائتو آهيان.
Prev Post
You might also like