ترڪ صدر اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان اسرائيلي وزيراعظم کي موجوده دور جو هٽلر قرار ڏيندي اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪ صدر چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيون ته اسرائيل کي ان جي حيثيت ڏيکاري ڇڏينداسين.
هن واضح ڪيو ته ترڪي جيئن ليبيا ۽ ڪاراباخ ۾ داخل ٿيو هو، ائين ئي اسرائيل ۾ به داخل ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ طاقت ۽ اتحاد جي ضرورت هوندي.
سندس چوڻ هو ته نيتن ياهو نفرت ۾ انڌو ٿي چڪو آهي، جنگبندي جي ڏينهن ۾ به اسرائيل سوين بي ڏوهه لبناني قتل ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.