اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڌريون جنگبندي کي برقرار رکن، پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
پرڏيهي آفيس موجب اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين بابت ميڊيا بريفنگ دوران اسحاق ڊار چيو ته مان ۽ سيد عاصم منير ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪيترن ئي مرحلن تي ٻڌل سخت پر تعميري ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو، اهي ڳالهيون گذريل 24 ڪلاڪن تائين جاري رهيون ۽ اڄ صبح پڄاڻي تي پهتيون.
هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ڌرين جو ٿورائتو آهي، جن جنگبندي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، اميد آهي ته ٻنهي پاسن کان ساڳي هاڪاري جذبي سان اڳڀرائي جاري رهندي، جيئن سڄي خطي ۽ ان کان ٻاهر به پائيدار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي.
سندس چوڻ هو اهو انتهائي ضروري آهي ته ڌريون جنگبندي بابت پنهنجي عزم تي قائم رهن، پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ به ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
اسحاق ڊار چيو ته مان ايران ۽ آمريڪا جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان، جن شهباز شريف جي فوري طور جنگبندي جي اپيل تي هاڪاري موٽ ڏني ۽ اسلام آباد ۾ امن ڳالهين لاءِ وزيراعظم جي دعوت قبول ڪئي.
Next Post
You might also like