اسلام آباد ڳالهيون وڏي ڪاميابي آهي، سڄي دنيا سُک جو ساهه کنيو آهي: بلاول

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مختلف عالمي ميڊيا ادارن کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي شروعات هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن سان سڄي دنيا ساهه کنيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل 6 هفتن کان جاري جنگ نه رڳو انساني جانيون ضايع ڪيون پر عالمي معيشت کي به سخت نقصان پهچايو. هن چيو ته هن جنگ جي قيمت هر فرد پنهنجي پيٽرول جي پمپ، راشن جي بلن ۽ وڌندڙ مهانگائي جي صورت ۾ ادا ڪئي آهي. پيپلزپارٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته آمريڪا پاران ڏنل 15 نڪتن ۽ ايران جي 10 نڪتن تي ڳالهيون جاري آهن، جن کي صدر  ٽرمپ پڻ ڳالهين جو بنياد قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل پاران لبنان تي حملا ڳالهين جي عمل کي پيچيده بڻائي رهيا آهن، پر ايران جي ڏنل نڪتن ۾ لبنان جو معاملو به شامل آهي. پاڪستان هن وقت هڪ ميزبان ۽ سهولتڪار طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته جيئن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا قائم ٿي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته سفارتڪاريءَ جو رستو ئي امن جي منزل تائين پهچائي سگهي ٿو، ۽ هو ان سلسلي ۾ آمريڪي ۽ ايراني قيادت جي مثبت رويي جي واکاڻ ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.