ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتحي تازو پنهنجي ذاتي زندگي، والدين جي عليحدگي ۽ مردن سان لاڳاپن بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
نورا فتحي چيو ته مون کي ”ڊيڊي ايشوز“ آهن، جڏهن توهان جو پيءُ توهان کي ڇڏي ڏئي ته توهان جي اندر ڪنهن جي وڇڙي وڃڻ يا رجيڪٽ ٿيڻ جو خوف پيدا ٿي ويندو آهي.
هن چيو ته پيءُ جي نه هوندي مان اڪثر اهڙن مردن سان گڏ رهيس، جيڪي مون لاءِ بهتر نه هئا، جيڪڏهن ڪو مرد مو کي ڇڏڻ چاهي ته مون لاءِ ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته توڙي جو اهو منهنجو مسئلو آهي پر ان جون پاڙون ڪٿي نه ڪٿي هڪ مرد (پيءُ) جي رويي سان جڙيل آهن.
نورا واضح ڪيو ته مان هاڻ به انهن جذباتي مسئلن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان ۽ پنهنجي زندگي جي انهن سخت تجربن مان سکي رهي آهيان ته جيئن مستقبل ۾ بهتر فيصلا ڪري سگهان.
You might also like