پي ايس ايل: پشاور زلمي لاهور قلندرز کي گهمائي لاٿو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن ۾ جي 19 هين پشاور زلمي لاهور قلندرز کي 76 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پشاور زلمي کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهيون، اِن فارم بيٽر ڪوشال مينڊس 74 ۽ ڪپتان بابر اعظم 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
مائيڪل بريسويل 21، محمد حارث 18، عبدالصمد ۽ فرحان يوسف 2، 2 جڏهن ته عامر جمال کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو.
لاهور قلندرز جي شاهين آفريدي 3، مستفيض الرحمان 2 جڏهن ته عبيد شاهه ۽ اسامه مير هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پشاور زلمي جي 174 رنسن جو پيڇو ڪندي لاهور قلندرز 17 هين اوور ۾ 97 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
قلندرز طرفان عبدالله شفيق ۽ فخر زمان 21، 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. دنيٿ ويلاليگي 20، سڪندر رضا 14، ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 5، عبيد شاهه 4، حبيب الله خان 3، اسامه مير 1، محمد نعيم 1 ۽ آصف علي 0 تي آئوٽ ٿيو.
زلمي طرفان مائيڪل بريسويل ۽ سفيان مقيم 3، 3 جڏهن ته ناهيد رانا 2 وڪيٽون ورتيون. عامر جمال ۽ شريف الاسلام جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي، ڪوشل مينڊس مسلسل ٻي ميچ ۾ پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.