چين ايران کي نئون فضائي دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي: آمريڪي انٽيليجنس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ موجب چين ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ايران کي نئون فضائي دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
سي اين اين جي رپورٽ موجب آمريڪي انٽيليجنس جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته بيجنگ نئين فضائي دفاعي نظام جي کيپ ٽئين ملڪ ذريعي موڪلڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، چين ڪلهي تي رکي هلائي ويندڙ جهاز کي نشانو بڻائيندڙ ميزائل سسٽم فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
ان حوالي سان واشنگٽن ۾ چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته چين ڪڏهن به تڪرار جي ڪنهن ڌر کي هٿيار فراهم ناهن ڪيا، آمريڪي ٽي وي تي بحث هيٺ ڄاڻ درست ناهي، هڪ ذميوار وڏي رياست طور چين مسلسل پنهنجون عالمي ذميواريون پوريون ڪندو آحي.
چيني سفارتخاني موجب اسان آمريڪي ڌر تي زور ڏيون ٿا ته اها بي بنياد الزام لڳائڻ، بدنيتي تي ٻڌل رابطا قائم ڪرڻ ۽ تجسس پکيڙڻ کان پاسو ڪري، اميد ته لاڳاپيل ڌر ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.