ايراني اثاثن جي بحالي وارو مامرو، وڏي خبر اچي وئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عهديدار آمريڪا طرفان ايراني اثاثا بحال ڪرڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پرڏيهي خابرو اداري هڪ اعليٰ ايراني ذريعي جي حوالي سان دعويٰ ڪئي هئي ته ڳالهين کان اڳ آمريڪا ايران جا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.
ايراني ذريعي معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪندي رائٽرز کي ٻڌايو ته اثاثا غير منجمد ڪرڻ جو تعلق آبناءِ هرمز مان سامونڊي جهازن جي محفوظ اچ وڃ سان آهي جيڪو امڪاني طور تي ڳالهين جو سڀ کان بنيادي نقطو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان آمد کان اڳ ايراني وفد جي سربراهه محمد باقر قاليباف مطالبو ڪيو هو ته ڳالهين کان اڳ لبنان ۾ جنگ بندي ۽ آمريڪا ۾ منجمد ايراني اثاثن جي بحاليءَ جون شرطون پوريون ٿيڻ لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.