ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته موجوده سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سي ٽي ڊي کي جديد اوزارن سان ليس ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، دهشتگردي خلاف شعبي ۾ جاري ڊجيٽلائيزيشن ۽ جديد اوزارن جي ضرورت بابت اهم اجلاس آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل اعليٰ پوليس اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مختلف شعبن جي ڊجيٽلائيزيشن، جديد اوزارن جي ضرورت ۽ انهن جي استعمال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ٻڌايو ته حساس معلومات تي مشتمل سنڌ پوليس جي ”ريڊ بڪ“ کي اي آءِ فيچرز سان گڏ ڊجيٽلائز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاءِ پروفائل ڏوهارين جي فهرست لاءِ مختلف ادارن تي ٻڌل بورڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي، ڊجيٽل ريڊ بڪ جي ڊيٽا کي سنڌ پوليس جي ٻين آن لائن نگراني ايپليڪيشنز سان به ڳنڍيو ويو آهي، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جديد اوزارن جي افاديت ۽ آپريشنل سرگرمين ۾ انهن جي اهم ڪردار بابت به بريفنگ ڏني، آءِ جي سنڌ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي لاءِ جامع تجويزون جلد سنڌ حڪومت کي منظوري لاءِ پيش ڪيون وڃن، آن لائن سسٽمز ۽ ايپليڪيشنز جي بهتر استعمال لاءِ سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.