اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ تاريخي ڳالهين جي موقعي تي پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف جو اسرائيل بابت هڪ ٽوئيٽ جاري ٿيڻ ۽ پوءِ اوچتو ڊليٽ ٿيڻ سبب بحث شروع ٿي ويو آهي. يوٽيوبر شهباز گل ان صورتحال تي تنقيد ڪندي الزام لڳايو آهي ته بچاءَ وارو وزير اهڙا بيان اڪثر جاري ڪندو آهي، جنهن ڪري کيس بعد ۾ پنهنجي ئي بيانن تان هٽڻو پوندو آهي. هن چيو ته اهڙي غير ذميواراڻي رويي سان ملڪي وقار کي نقصان پهچي رهيو آهي. ابصار عالم ولاگ ۾ چيو ته هن وقت سمورو ڌيان امن ڳالهين تي آهي، ان ڪري بچاءَ واري وزير جي ان تڪراري ٽوئيٽ بابت تفصيلن کي هن وقت عوام آڏو نه پيو آندو وڃي ته جيئن آمريڪا-ايران ڳالهين جو ماحول متاثر نه ٿئي. ذريعن موجب خواجا محمد آصف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ انتهائي سخت بيان جاري ڪندي اسرائيل کي انسانيت لاءِ ناسور قرار ڏنو آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته جڏهن اسلام آباد ۾ امن ڳالهيون ٿي رهيون آهن تڏهن اسرائيل لبنان ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته يورپي ملڪن پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ صهيوني رياست کي عربن تي مڙهيو آهي. بچاءَ واري وزير جي هن بيان تي اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني وزير جو اسرائيل جي خاتمي بابت بيان انتهائي چڙ ڏياريندڙ آهي. نيتن ياهو موجب، هڪ اهڙي ملڪ جي حڪومت جو وزير اهڙو بيان نٿو ڏئي سگهي جيڪو پاڻ کي امن ڳالهين ۾ غير جانبدار ٽياڪڙ طور پيش ڪري رهيو هجي. دلچسپ صورتحال ان وقت پيدا ٿي جڏهن خواجا آصف جي اها پوسٽ ايڪس تان غائب ٿي وئي. شروعاتي طور تي چيو ويو ته ٽوئيٽ خواجا آصف پاڻ ڊليٽ ڪيو آهي، پر ذريعن ۽ اي آئي ٽول ”گروڪ“ موجب اها پوسٽ ايڪس انتظاميا پاران هٽائي وئي هئي. ٻئي پاسي خواجا آصف فيس بڪ تي پنهنجو موقف برقرار رکيو آهي، جتي هن واضح ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن لاءِ اسرائيل کي لغام ڏيڻو پوندو. هن معاملي اسلام آباد ۾ جاري امن ڳالهين جي ماحول کي وڌيڪ گرم ڪري ڇڏيو آهي.