پيٽرل سڊل کي سندس دوست به ” چاچو“ ڪوٺڻ لڳي…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر پيٽر سڊل کي سندس دوست به چاچا چئي ڇڏيو.
پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ 41 ورهين جي پيٽر سڊل لاهور ۾ ليگ ميچن جي پڄاڻي تي سوشل ميڊيا تي پنهنجون تصويرون پوسٽ ڪيون هيون.
پوسٽ تي پيٽر سڊل جي دوست تبصرو ڪندي ”چاچا“ لکيو جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.
پيٽر سڊل کي چاچو ڪوٺڻ جي شروعات آسٽريليا جي بِگ بيش ليگ دوران پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف ڪئي هئي.
ان کان اڳ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ سڊل انڪشاف ڪيو هو ته ملتان جا رانديگر به کيس چاچو چوندا آهن.
ان موقعي تي پيٽر سڊل چيو هو ته افتخار احمد مقامي ۽ هو پرڏيهي چاچو آهي..
ان کانسواءِ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پوسٽ ميچ دوران خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر اسٽيو سمٿ به کيس چاچو چيو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.