منيلا (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
اي ڊي بي موجب، پاڪستاني معيشت ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي آهي پر خطرا اڃا به موجود آهن.
رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال ۾ اوسر واري شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ اها وڌي 4.5 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ سبب مهانگائي ۽ معيشت تي دٻاءُ وڌڻ جو خدشو آهي، مالي سال 2026 ۾ مهانگائي 6.4 سيڪڙو ۽ 2027 ۾ 6.5 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، تيل ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ وڏي خطري طور سامهون آئي آهي، ٻاهرين جهٽڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڌارا جاري رکڻ ضروري آهن، جڏهن ته خانگي سيڙپڪاري معيشت کي سهارو ڏئي سگهي ٿي.
اي ڊي بي موجب، اڏاوتي شعبي ۽ صنعت ۾ بهتري جي اميد آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان محتاط مانيٽري پاليسي ۾ نرمي جو امڪان آهي.
You might also like