پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳو 13 معاهدن جا تفصيل پڌرا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳو 13 معاهدن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪستان ڀارت تي 13 مان 4 معاهدن تي عمل نه ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.
پرڏيهي کاتي جي رپورٽ موجب، ڀارت سنڌ طاس معاهدو، مذهبي ماڳن تي سهولتن جي فراهمي، پانڌيئڙن ۽ ويزا سهولتن بابت معاهدن تي عمل نه پيو ڪري.
پاڻي جي ورڇ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 19 سيپٽمبر 1960 تي سنڌ طاس معاهدو ٿيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرارن جي پر امن حل لاءِ 2 جولاءِ 1972 تي شملا معاهدو طئي ٿيو.
ٻنهي ملڪن طرفان مذهبي ماڳن جي زيارتن کي آسان بڻائڻ لاءِ 14 سيپٽمبر 1974 تي پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته سڌي ٽيليڪميونيڪيشن لاءِ به 14 سيپٽمبر 1974 تي معاهدو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.