عابدجان (ويب ڊيسڪ) فيفا سيريز ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ ٽرڪس اينڊ ڪيڪوس آئيلينڊز کي 8-0 تان شڪست ڏئي تاريخي فتح حاصل ڪري ورتي.
آئيوري ڪوسٽ جي شهر عابدجان ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان وومينز ۽ ٽرڪس اينڊ ڪيڪوس وومينز جون ٽيمون دوبدو ٿيون، جنهن ۾ پاڪستاني رانديگرياڻين شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
پاڪستان ٽيم شروع کان ئي مخالفن تي دٻاءُ وڌو ۽ پهرئين هاف جي پڄاڻي تائين 4-0 جي سرسي حاصل ڪئي وئي.
گول زهمينه ملڪ، اقصيٰ مشتاق، ليليٰ بنارس ۽ مريم محمود گول ڪيا، جڏهن ته ٻئي هاف ۾ وڌيڪ چار گول ڪري ميچ 8-0 تان کٽي ورتي.
ٻئي هاف ۾ ليليٰ بنارس ۽ اقصيٰ مشتاق هڪ هڪ گول ڪيو جڏهن ته باقي ٻه گول ناديا خان ۽ اسريٰ خان اسڪورڪيا.
واضح رهي ته هي انٽرنيشنل وومين فٽبال ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي مارجن سان فتح آهي، ان کان اڳ پاڪستان مالديپ کي 7-0 تان شڪست ڏني هئي.
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي تاريخي فتح: ٽرڪس اينڊ ڪيڪوس آئيلينڊز کي 8-0 تان عبرتناڪ شڪست
Next Post
You might also like