ملڪ ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 12 سيڪڙو کان ٽپي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
جاري ڪيل رپورٽ موجب، ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ 1.93 سيڪڙو واڌارو ٿيو ۽ مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح ڊبل ڊيجيٽ ۾ 12.15 سيڪڙو ٿي وئي.
ڳڻپ کاتي موجب هڪ هفتي ۾ 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 8 شيون سستيون ۽ 15 جون قيمتون مستحڪم رهيون.
هڪ هفتي دوران ڊيزل 54.71 ۽ پيٽرول 17.86 سيڪڙو مهانگو ٿيو جڏهن ته ايل پي جي اگهن ۾ 8.61 سيڪڙو واڌ ٿي.
هڪ هفتي دوران ٽماٽا 9.35، پٽاٽا 4.13، بصر 3.84 ۽ آنا 3.77 سيڪڙو مهانگا ٿيا جڏهن ته گوشت، ٻاڪرو گوشت، بريڊ به مهانگي ٿي.
اداري موجب، ڪڪڙ، اٽو، گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ٿوم 3.78 ۽ ڪيلا 3.39 سيڪڙو سستا ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.