واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جَي ڊي وينس ايران سان ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي سربراهي ڪرڻ لاءِ ميري لينڊ کان پاڪستان روانو ٿي ويو.
اسلام آباد لاءِ روانگي کان اڳ ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نائب صدر جَي ڊي وينس چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي هدايتن تحت ڳالهين ۾ حصو وٺڻ وڃي رهيو آهيان، پڪ آهي ته ايران سان هاڪاري ڳالهيون ٿينديون.
نائب صدر چيو ته جيڪڏهن ايراني قيادت نيڪ نيتي سان ڳالهه ٻولهه تي راضي ٿي ته آمريڪا به کليل دل سان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ۽ چالاڪي جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪي مذاڪراتي ٽيم هاڪاري ردعمل نه ڏيندي.
واضح رهي ته آمريڪي وفد ۾ نائب صدر جَي ڊي وينس، خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ صدر ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر شامل آهن، جڏهن ته ايراني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر باقر قاليباف ڪندا.