آسٽريليا جي محققن هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ويپنگ (اي سگريٽ جو استعمال) ڦڦڙن ۽ وات جي ڪينسر جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ ماهرن ريگوليٽرز تي زور ڏنو آهي ته اهي حتمي شاهدين جو انتظار ڪرڻ بدران تڪڙا قدم کڻن.
سڊني جي يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز جي ماهرن جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان تحقيق ۾ 2017 کان 2025 تائين ڇپيل مختلف سائنسي رپورٽن، جانورن تي ڪيل تجربن، انساني ڪيس رپورٽن ۽ ليبارٽري تحقيق جو جائزو ورتو ويو.
اها هيل تائين جي تفصيلي تحقيقن مان هڪ آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڇا نڪوٽين اي سگريٽ ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
تحقيق موجب ويپنگ جسم ۾ اهڙا شروعاتي خطرناڪ اثر پيدا ڪندي آهي، جيڪي ڪينسر سان مضبوط تعلق رکندا آهن، جيئن ڊي اين اي کي نقصان پهچڻ ۽ سوڄ وڌڻ.
ماهرن برنارڊ اسٽيورٽ موجب اي سگريٽ جي دونهين کي ساهه ذريعي اندر ڇڪڻ سان وات ۽ ڦڦڙن جي خلين ۽ واضح تبديليون اينديون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ سگريٽ جي نقصانن کي تسليم ڪرڻ ۾ تقريبن 100 سال لڳا هئا، تنهن ڪري ويپنگ جي معاملي ۾ شروعاتي خبردار ڪندڙ شاهدين کي نظرانداز ڪرڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
تحقيق جي مرڪزي مصنف فريڊي سيتاس موجب اهو تاثر ته ويپنگ سگريٽ کان وڌيڪ محفوظ آهي درست نٿو ٿي سگهي.
ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته حڪومتن ۽ صحت جي ادارن کي گهرجي ته اهي خاص طور تي نوجوانن کي ويپنگ جي نقصانن کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻن.
مجموعي طور تي تحقيق ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ويپنگ کي محفوظ متبادل سمجهڻ درست ناهي ۽ ان جي امڪاني خطرن کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي.
You might also like