ڪراچي (پ ر) سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي (SSPA) جي ممتا پروگرام وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن تحت صوبي جي 15 ضلعن ۾ 10 لک کان وڌيڪ ڳورهاري عورتن ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي مائرن کي رجسٽر ڪري مالي سهائتا فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 47 لک کان وڌيڪ طبي چڪاس پڻ ڪيا ويا آهن، جنهن سان صحت جي بنيادي سهولتن تائين پهچ ۾ سڌارو آيو آهي.
رٿا تحت حقدار عورتن کي 41 هزار رپين تائين مشروط مالي مدد سڌي طرح موبائيل اڪائونٽس ۾ ڏني وڃي ٿي، جيڪا ويم کان اڳ ۽ پوءِ باقاعده طبي چڪاس سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته ڏورانهن علائقن جي عورتن کي پهريون ڀيرو سرڪاري صحت سهولتن تائين رسائي ملي آهي.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 10 لک مائرن جي رجسٽريشن اهم سنگ ميل آهي، جيڪو مائرن ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ حڪومت جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته SSPA جي سي اي او ارشاد علي سوڍر موجب پروگرام ذريعي لکين عورتن تائين ضروري طبي سهولتون پهچايون ويون آهن۔
تفصيل موجب سانگهڙ، گهوٽڪي، بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر رجسٽريشن ۾ اڳڀرا آهن، جڏهن ته قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪشمور، جڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ وڏي انگ ۾ عورتون شامل ٿيون آهن.
سنڌ حڪومت موجب پروگرام کي وڌيڪ ضلعن تائين وڌائڻ ۽ نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
You might also like