سون اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، اڄ به هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موج، پاڪستان ۾ في تولو سون 9500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 94 هزار 662 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 8 هزار 145 رپيا لاٿ بعد 4 لک 24 هزار 92 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 95 ڊالر گهٽتائي بعد 4723 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.