تل اببيب(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو آهي ته اسرائيل ايران سان ٻيهر جنگ لاءِ تيار آهي.
هڪ بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته اسان جا وڌيڪ هدف آهن جن کي معاهدي يا جنگ ٻيهر شروع ڪري حاصل ڪنداسين، ايران سان جنگبندي ۾ حزب الله شامل ناهي.
هن چيو ته اسرائيل ايران جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسان جون آڱريون ٽرگر تي آهن، ڀلي معاهدي سان يا طاقت سان، ايران مان يورينيم جو مڪمل خاتموڪيو ويندو.
اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جنگبندي جو معاهدو اسرائيل جي مڪمل سهڪار سان ڪيو ويو ۽ جنگبندي پڄاڻي ناهي.
You might also like