پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايران ۽ آمريڪي صدرن سان الڳ الڳ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان دوران هن ايران-آمريڪا جنگبندي فيصلي کي بهترين قرار ڏنو.
فرانسيسي صدر جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد جي اميد ظاهر ڪئي، گڏوگڏ مستقل امن لاءِ گڏيل ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو.
فرانسيسي صدر چيو ته آبناءِ هرمز ۾ رنڊڪن کي ختم ڪرڻو پوندو، فرانس وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
فرانسيسي صدر قطر، امارات، لبنان ۽ عراق جي قيادت سان به رابطو ڪيو ۽ لبنان تي اسرائيلي فضائي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
فرانسيسي صدر پاران اسرائيلي حملن جي مذمت، ”لبنان سميت سمورن محاذن تي جنگبندي ضروري آهي”
You might also like