واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڊيڊ لائن جي خاتمي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ دلچسپ ۽ تيز تر سفارتي ڪوششن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
آمريڪي اخبار موجب، ايران طرفان ڳالهين کان پري رهڻ جي اشاري کانپوءِ هنگامي سفارتڪاري جي شروعات ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير ايراني اختيارين سان رابطا ڪيا، قطر، مصر ۽ ترڪيه ايراني قيادت سان رابطا ڪيا، آبناءِ هرمز لاءِ نيٺ چين ميدان ۾ لٿو، چين طرفان آبناءِ هرمز کولڻ تي ايران کي آخري وقت تي راضي ڪيو ويو.
آمريڪي اخبار موجب، چين ايران کي چيو ته ان جي اتحادين تي به جنگ جا اثر آهن، چين ايران کي ٻڌايو ته هي رستو ايران لاءِ واحد موقعو آهي، ايران سان امڪاني سيز فائر جي رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي وقت موجب شام 5 وڳي صدر ٽرمپ کي سيز فائر جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران انهن نقطن تي راضي آهي ته مان به راضي آهيان، ٽرمپ ترت نيتن ياهو کي جنگبندي ۾ ٻن هفتن جي واڌ بابت آگاهه ڪيو.
عاصم منير جي ٽرمپ کي فون ۽ چين جي مداخلت، ڊيڊ لائين خاتمي جي آخري ڪلاڪن دوران ڇا ٿيو؟ جنگ بندي جا تفصيل پڌرا
You might also like