اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي معاملن واري وزير خواجا آصف آمريڪا-ايران جنگ بندي تي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، مودي جو ڪم لهي ويو آهي، هن وٽ کيڏڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو، ڀارتي ميڊيا هاڻي ماتم ڪندي رهندي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ خواجه آصف چيو ته سڀني کي مبارڪون هجن، الله پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ عزت ڏني آهي، پاڪستان کي خطي ۽ سڄي دنيا ۾ هڪ قابل اعتماد ٽياڪڙ طور تسليم ڪيو ويو آهي، عرب ڀائرن، عالمي طاقت آمريڪا ۽ سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان ۾ کتل آهن. هن چيو ته ڪالهه شام تائين جنگ جا ڪارا ڪڪر هئا، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي جنگ بندي بابت ڪوششون رنگ لائي چڪيون آهن، جنگ بندي ۾ ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان سياسي طور تي به هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، هاڻي استحڪام ايندو ۽ اسان معيشت تي به ڌيان ڏئي سگهنداسين.خواجه آصف چيو ته سول ۽ فوجي قيادت تي مشتمل هائبرڊ ماڊل ٻن کان ٽن سالن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اهو ثابت ڪري ٿو ته جيڪڏهن طاقت جا مرڪز گڏجي ڪم ڪن ته پاڪستان عالمي سطح تي تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو.