ٽرمپ جون ڌمڪيون\ايراني عوام اهم پُلن ۽ بجلي گهرن تي انساني زنجير بڻائي ڇڏي

تهران(م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران جي حفاظت لاءِ هڪ ڪروڙ 40 لک رضاڪار تيار آهن. ميڊِياسان ڳالهائيندي ايران جي حفاظت لاءِ هڪ ڪروڙ 40 لک رضاڪار تيار آهن. هن چيو ته هو پاڻ به ايران تي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اسرائيلي فوج سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي فارسي ۾ پوسٽ ڪيل هڪ پيغام ۾ ايراني شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته اهي ٽرين ذريعي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. ايراني ريڊ ڪريسنٽ حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، انهن کي جنگي ڏوهه قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ملڪ جي 17 شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ بين الاقوامي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن حملن جو هڪ مقصد مقامي آبادي جي زندگي کي ڏکيو بڻائڻ ۽ انهن کي حڪومت جي خلاف ڀڙڪائڻ ٿي سگهي ٿو، پر ماهرن جو خيال آهي ته اهو حڪومت جي چوڌاري ماڻهن کي متحد ڪري سگهي ٿو،ٻئي پاسي ايراني عوام پلن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ مرڪزن کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪين کي نظرانداز ڪندي پنهنجن گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.عوام ملڪ جي مختلف حصن ۾ اهم پلن ۽ بجلي گهرن تي قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي انساني زنجير ٺاهي.مظاهرين چيو ته هو جنگي ڏوهارين جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄن، ان ڪري جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خطري وارن هنڌن تي گڏ ٿيا آهن. شرڪت ڪندڙن ۾ ٻار، بزرگ، نوجوان، شاگرد ۽ شاگردياڻيون ۽ عورتون سڀ شامل آهن

تهران/اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ايران ڳالهين دوران پاڪستان کي چيو  آهي ته اهو جنگ کٽي رهيو آهي، جهڪڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي،هڪ سينئر ايراني عهديدار ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي پر تهران ان وقت تائين ڪنهن لچڪ جو مظاهرو نه ڪندو جيستائين آمريڪا ايران کان دٻاءُ تحت هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪندو رهندو،قطر تهران جو پيغام آمريڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن تائين پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي بجلي گهرن کي نشانو بڻايو ته ايران جي جوابي حملن جي نتيجي ۾ پورو خطو ۽ سعودي عرب مڪمل اونداهي ۾ ٻڏي ويندو،ذريعن وڌيڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ته ايران جا اتحادي آبناءِ باب المندب کي به بند ڪري ڇڏينداتهران ڳالهين ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان کي ٻڌايو ته اهو پاڻ کي برتري واري حيثيت ۾ سمجهي ٿو ۽ ان وٽ پندرهن هزار ميزائل ۽ پنجيتاليهه هزار ڊرونز جو ذخيرو موجود آهي، ٻئي پاسي ايراني ذريعن جو دعويٰ آهي ته ايراني پاسدارانِ انقلاب هڪ عرب ملڪ جي ريگستاني علائقي ۾ ڳجهي طور تي هٿيارن جو وڏو ذخيرو قائم ڪري رکيو آهي جڏهن ته مختلف ملڪن ۾ سوين هٿياربند جنگجو پڻ تيار حالت ۾ موجود آهن جيڪي ڪنهن به ممڪن اشاري جا منتظر آهن، رپورٽن ۾ دعويٰ ڪيو ويو آهي ته هي نيٽ ورڪ معمولي حالتن ۾ استعمال نه ڪيو ويندو پر ان جي فعاليت صرف هڪ انتهائي سنگين ۽ غير معمولي صورتحال ۾ ممڪن هوندي جنهن کي قيامت خيز منظرنامو چيو پيو وڃي،آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز موجب ايران آمريڪا سان جنگبندي بابت ٿيندڙ ڳالهين کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.اخبار ٽن سينيئر ايراني عملدارن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ايران آمريڪا سان جنگبندي ڳالهين جون ڪوششون روڪي ڇڏيون آهن ۽ پاڪستان کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو هاڻي انهن ڳالهين ۾ حصو نه وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.