اسلام آباد( اعزاز سيد + آصف بشير چوڌري )ايران سعودي عرب تي حملو ڪيو آهي، جنهن سبب پاڪستان جي ڪوششن سان هلندڙ ڳالهين کي وڏو ڌڪ لڳو آهي، ۽ پاڪستان لاءِ به صورتحال مشڪل بڻجي وئي آهي28 فيبروري 2026 کان آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون، ۽ ان وقت کان وٺي پاڪستان هڪ ڏکئي توازن ۾ آهي،هڪ طرف ايران پاڙيسري ملڪ آهي ٻي طرف سعودي عرب ويجهو دوست آهي پاڪستان وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن کي آمريڪا ۽ سعودي عرب جي به حمايت حاصل هئي،هيل تائين ايران لڳ ڀڳ 435 بيلسٽڪ ميزائل سعودي عرب ڏانهن فائر ڪري چڪو آهي. ڪجهه واقعا “فالس فليگ” به ٿي سگهن ٿا، پر مجموعي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي.ايران جي فوجي اداري پاسدارانِ انقلاب سعودي عرب جي شهر الجبيل تي حملو ڪيو، جيڪو هڪ اهم صنعتي ۽ پيٽروڪيميڪل مرڪز آهي.سعودي عرب چيو ته 7 ميزائل روڪيا ويا پر سوشل ميڊيا ۽ سيٽلائيٽ ذريعي خبر نڪتي ته اتي وڏي باهه لڳي ايراني موقف آهي ته اتي آمريڪي ڪمپنين کي نشانو بڻايو ويو.پاڪستان جي پرڏيهي کاتي طرفان سخت مذمت ڪئي وئي. ان کانپوءِ ايران جي سفير رضا اميري مقدم جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ميڊيا بريفنگ به منسوخ ڪئي وئي. لڳي ٿو ايران جي اندروني قيادت ۾ هم آهنگي نه آهي ڪجهه فيصلا مرڪزي قيادت ڪري رهي آهي جڏهن ته مقامي ڪمانڊرز الڳ قدم کڻي رهيا آهن ان ڪري پاڪستان لاءِ صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي.آمريڪا آخري ڊيڊ لائن ڏئي چڪو آهي هاڻي سڀني جون نظرون سعودي عرب ۽ آمريڪا تي آهن جيڪڏهن جنگ وڌي ٿي ته پاڪستان کي هڪ پاسو چونڊڻو پوندو