لنڊن (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي خابرو اداري روئٽرز ۽ آمريڪي ويب سائيٽ ايگزيوس رپورٽ ڪري رهيا آهن ته جنگ بندي جو هڪ تجويز ڪيل منصوبو آمريڪا ۽ ايران تائين پهچايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جنگ بندي جو فريم ورڪ آمريڪا ۽ ايران کي ڏنو ويو آهي، ڪجهه ڄاڻ سامهون آئي آهي پر اڃا گهڻو ڪجهه غير واضح آهي.
روئٽرز پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ منصوبو ٻنهي ملڪن تائين پهچايو ويو آهي ته جيئن تڪرار ختم ڪري سگهجي.
منصوبو ٻن حصن تي ٻڌل آهي، پهريون حصو ترت جنگ بندي ۽ ٻيو حصو ان کانپوءِ ايندڙ وڌيڪ گڏيل معاهدي تي ٻڌل آهي.
ان کان اڳ ايگزيوس رپورٽ ڪيو هو ته ٽياڪڙ 45 ڏينهن جي جنگ بندي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا، پاڪستان، مصر ۽ ترڪي ٽياڪڙي واري عمل ۾ شامل آهن.
روئٽرز جو چوڻ آهي ته آرمي چيف عاصم منير آمريڪي نائب صدر جي ڊي ونس سان سڄي رات رابطي ۾ رهي ڪردار ادا ڪيو.
ايران جو آبناءِ هرمز کولڻ کان انڪار
روئٽرز موجب، هڪ سينيئر ايراني اهلڪار چيو آهي ته عارضي جنگ بندي جي بدلي هرمز واري پٽي نه کولي ويندي.
واضح رهي ته هي خبرون ٽرمپ جي نئين ڊيڊ لائين کانپوءِ سامهون آيون آهن، آمريڪي صدر ايران کي اڱاري جي رات اٺين وڳي تائين هرمز واري پٽي ٻيهر کولڻ جي ڊيڊ لائين ڏني آهي.
معاهدي جا مڪمل شرط
هينئر تائين انهن سوالن جا جواب ناهن ملي سگهيا ته آبناءِ هرمز جو مستقبل ڇا هوندو؟ هوائي حملن وارو معاملو ڪيئن طئي ٿيندو ؟ ۽ ايران جي جوهري افزودگي جو ڪهڙو ڪردار هوندو؟
پرڏيهي ميڊيا موجب، تازي اڳڀرائي باوجود اها ڄاڻ ناهي ملي سگهي ته هي منصوبو مارچ جي آخر ۾ ايران کي ڏنل 15 نڪاتي منصوبي کان ڪيترو مختلف آهي يا اها ئي ساڳي تجويز آهي.
نار ملڪن جو ڪردار
تجزئي نگارن موجب، اهي ملڪ جيڪي هن جنگ ۾ حملن جو نشانو بڻيا آهن، ڇا اهي هن امن منصوبي ۾ شامل آهن ۽ انهن جا خدشا ڪيئن ختم ڪيا ويندا؟ جڏهن ته هينئر تائين اها ڄاڻ ناهي ته آمريڪا ڪڏهن جواب ڏيندو ۽ ايران ڪڏهن پنهنجو باضابطا موقف پيش ڪندو.