نسيم شاهه اڻڄاتل مدي تائين پي ايس ايل مان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن ۾ راولپنڊيز جي نمائندگي ڪندڙ قومي فاسٽ بالر نسيم شاهه انجري سبب اڻڄاتل مدي لاءِ پي ايس ايل مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پي ايس ايل فرنچائز راولپنڊيز به نسيم شاهه جي اڻڄاتل مدي تائين ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
پنڊيز انتظاميا جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ دوران سائيڊ انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن ڪري هو اڻڄاتل مدي لاءِ ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽيم جو ميڊيڪل اسٽاف نسيم شاهه جي ريڪوري کي مانيٽر ڪري رهيو آهي ۽ اميد آهي ته نسيم شاهه ريهيب ۽ فٽنيس ڪليئرنس کانپوءِ ٽورنامنٽ جي آخري مرحلي ۾ واپسي ڪري سگهندو.
پنڊيز مئنيجمينٽ جو چوڻ آهي ته اسان نسيم شاهه سان گڏ آهيون ۽ ان جي مڪمل سپورٽ جاري رکنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.