اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات کي 2 ارب ڊالر ادائيگي جو فيصلو متبادل ذريعن کان رقم جو بندوبست ٿيڻ کانپوءِ ڪيو.
حڪومتي ذريعن موجب، پاڪستان کي جون تائين مجموعي طور تي 4.8 ارب ڊالرن جون ادائگيون ڪرڻيون آهن ۽ پاڪستان انهن ادائگين جو بندوبست ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي 2 دوست ملڪن کان 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي فراهمي جي خاطري ملي چڪي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، پاڪستان کي مجموعي طور تي يو اي اي کي 3.5 ارب ڊالرن جي ٽن مختلف فورمز جي ادائيگي ڪرڻي آهي. يورو بانڊ ڏهن سالن جو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ ميچور ٿي ويو آهي، جنهن جي ادائيگي هن هفتي ٿيڻي آهي، يورو بانڊ جو ڪاٿو 1.3 ارب ڊالر آهي.