ڪجهه ڪريو،نه ته ٽرمپ خطي کي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيندو:محمد البرادعي

نيويارڪ/واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ايران کي ڏنل 48 ڪلاڪنجي ڊيڊ لائين تي عالمي سطح تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي، خاص طور تي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه محمد البرادعي  هن بيان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔پنهنجي ردعمل ۾ نار جي  ملڪن جي حڪومتن کي اپيل ڪئي ته هو فوري طور فعال ڪردار ادا ڪن ۽ علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻن۔ هن چيو ته موجوده صورتحال انتهائي خطري وارو رخ اختيار ڪري سگهي ٿي۔هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري، خاص طور تي گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل، يورپي ڪائونسل،فرانس،چين ۽ روس کي فوري طور مداخلت ڪرڻ گهرجي ته جيئن علائقي کي وڌيڪ تباهي کان بچائي سگهجي۔پنهنجي بيان ۾ سخت لفظ استعمال ڪندي چيو ته ڇا عالمي طاقتون هن صورتحال کي روڪڻ لاءِ ڪو قدم نٿيون کڻي سگهن، ان کان اڳ جو حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن۔واضح رهي ته صدر ٽرمپ تازو بيان ۾ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته هو 48 ڪلاڪن اندر يا ته ڪنهن معاهدي تي راضي ٿي وڃي يا آبناءِ هرمز کي کولي، ٻي صورت ۾ کيس سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا۔ماهرن موجب اهڙن بيانن سان علائقي ۾ اڳ ئي موجود ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي، جنهن جا اثر عالمي معيشت ۽ توانائي جي فراهمي تي پڻ پئجي سگهن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.