ڪراچي جا مسئلا ڪنٽرول مان نڪري سگهن ٿا:عقيل ڪريم ڊيڊي

ڪراچي (رپورٽ: ناصر خٽڪ) مشهور واپاري عقیل ڪريم ڊيڊي سوشل ميڊيا تي هلندڙ ”ڪراچي منهنجي حوالي ڪيو“ واري الزام تي پنهنجو موقف واضح ڪندي چيو آهي ته سندس بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي۔ ھن عوامي آواز سان ڳالھائيندي وڌيڪ  وضاحت ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي ۽ خراب حڪمراني بابت چيوهو تہ ھن وقت ڪراچي جي آبادي لڳ ڀڳ چار ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي، جنهن کي سنڀالڻ هاڻي انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي ڪراچي ايترو ڦلھجي ويو آھي جو هاڻي حيدرآباد سان وڃي ملي رهيو آهي،هن چيو ته ماضي ۾ شهر تي مختلف سياسي پارٽين حڪومت ڪئي آهي، تنهن ڪري موجوده حالتن جو ذميوار ڪنهن هڪ ڌر کي قرار ڏيڻ مناسب ناهي۔عقیل ڪريم ڊيڊي زور ڏيندي چيو ته سندس اصل مقصد اهو هو ته ڪراچي جي وڌندڙ مسئلن جي حل لاءِ هڪ جامع ۽ مؤثر پاليسي جوڙڻ ضروري آهي۔ هن اپيل ڪئي ته سڀئي اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ويهن ۽ گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏين ته جيئن شهر جا مسئلا گڏيل ڪوششن سان حل ٿي سگهن۔هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن موجوده صورتحال اهڙي ئي جاري رهي ته ڪراچي جا مسئلا ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهن ٿا، جيڪي مستقبل ۾ وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪري سگهن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.