ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا فضيلا قاضي چيو آهي ته کيس حڪومت، معيشت ۽ ڪرڪيٽ مان ڪا خاص اميد ناهي رهي.
هڪ ٽي وي پروگرام دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهو هاڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت زندگي گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته بنيادي سهولتون به موجود ناهن.
هن چيو ته جنهن ماڻهوءَ جي ٻارن کي ماني نه ملندي هجي، اهو سڀ کان پهرين سندن پيٽ ڀرڻ بابت سوچيندو، اهڙي صورتحال ۾ هو پنهنجي حقن لاءِ آواز ڪيئن اٿاريندو.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته عوام کي مسئلن ۾ ڦاسايو ويندو آهي ته جيئن هو پنهنجن حقن لاءِ آواز نه اُٿارين، جيڪڏهن سڀ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته ماڻهو سوال ڪرڻ شروع ڪندا.
هن پنهنجي مثال ڏيندي چيو ته هوءَ شاهاڻي علائقي ۾ رهندي آهي پر پوءِ به گئس ۽ پاڻي جهڙيون بنيادي سهولتون موجود ناهن، برسات کانپوءِ گئس بند آهي جڏهن ته پاڻي ٽينڪر ذريعي حاصل ڪيو وڃي ٿو ۽ بجلي جا ڳرا بل ڌار مسئلو آهن.
فيضلا قاضي چيو ته اڳ گئس به هوندي هئي ۽ بل به گهٽ هوندو هو، پر هاڻي صورتحال ان جي ابتڙ ٿي چڪي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي هوءَ پنهنجي اميدون رڳو الله سان سلهاڙي ڇڏيون آهن ۽ شڪر ادا ڪري ٿي ته رزق ۽ زندگي الله جي هٿ ۾ آهي نه ته حالتون اهڙيون آهن جو ماڻهن لاءِ جيئڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي.
You might also like