ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي دفاعي چيمپئن لاهور قلندرز جي مئنيجر ۽ شريڪ مالڪ ثمين رانا چيو آهي ته بال ٽيمپرنگ معاملي تي سينيئر بيٽر فخر زمان جو عدالت وڃڻ ذاتي فيصلو آهي، اسان پنهنجي موقف تي قائم رهندڙ ڪنهن به رانديگر سان گڏ آهيون.
ڪراچي جي نيشنل نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريڪٽس سيشن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ثمين رانا چيو ته بال ٽيمپرنگ فيصلي خلاف اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ عدالت وڃڻ فخر زمان جو ذاتي فيصلو آهي، اسان فيصلي کي مان ڏيون ٿا پر جيڪو رانديگر پنهنجي موقف تي قائم رهي ٿو اسان ان سان گڏ آهيون.
هن چيو ته پي ايس ايل هاڻي وڏو برانڊ بڻجي چڪو آهي، هن ليگ کي هن مقام تائين پهچائڻ لاءِ سڀني جدوجهد ڪئي آهي، هن سال ٻن ٽيمن جي واڌاري انگ وڌي اٺ ٿي ويو آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي، جنهن سان مقابلو وڌندو.
سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل ميچن دوران تماشائين جي کوٽ تي افسوس آهي پر حالتن کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو، پي ايس ايل 11 جي ٻئي مرحلي جون ميچون ڪراچي ۾ ٿيڻ تي خوشي آهي، هي شهر اسان جي دلين جي ويجهو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ليگ ۾ دلچسپ مقابلا ٿي رهيا آهن ۽ هر ٽيم وٽ ٽائيٽل کٽڻ جا برابر موقعا آهن.
بال ٽيمپرنگ معاملي تي فخر زمان جو عدالت وڃڻ جو فيصلو، لاهور قلندرز جي مالڪ جو به ردعمل اچي ويو
You might also like