تهران/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايراني ميزائل حملي ۾ اسرائيل جي مرڪزي علائقي ۾ قائم ڊرون فيڪٽري مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي.
اسرائيلي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي علائقي بيٿتيڪفا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني ميزائل سڌو اچي ٽڪرايو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيلي فوج جي ڊرون فيڪٽري مڪمل طور تباهه ٿي وئي.
اسرائيلي اختيارين موجب، اها فيڪٽري ٻيهر ڪم ڪرڻ جوڳي نه رهي آهي.
واضح رهي ته فيڪٽري اسرائيل جي دفاعي صنعت ۽ اسرائيلي فون کي ڊرونز، پائلٽ هيلمٽس ۽ اهم پُرزا فراهم ڪندي هئي.