ٽرمپ پاران زخمي پائلٽ کي ريسڪيو ڪرڻ جي تصديق، ايران آمريڪي آپريشن کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن/تهران/تل ابيب(ويب ڊيسڪ) ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي، ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني علائقي مان زخمي آمريڪي پائلٽ کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو ويو، ايراني اختيارين ان دعويٰ کي رد ڪندي آمريڪي آپريشن کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي، علائقي ۾ فوجي ڪارروائيون، پيٽروڪيميڪل پلانٽن تي حملا ۽ وڌندڙ جاني نقصان صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان دوران ڀارتي اخبار طرفان وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار جو اعتراف ڪيو ويو آهي.

آمريڪي جنگي جهاز ايف-15 جي پائلٽ کي سخت زخمي حالت ۾ ريسڪيو ڪيو ويو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي جابلو علائقي مان جنگي جهاز ايف-15 جي هڪ پائلٽ کي سخت زخمي حالت ۾ ڪاميابي سان بازياب ڪرائي ورتو ويو آهي.
ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ڄاڻايل آفيسر، جيڪو هڪ ڪرنل آهي، کي نهايت خطرناڪ آپريشن ذريعي ريسڪيو ڪيو ويو ۽ ان دوران ايراني فوج وڏي انگ ۾ سندس ڳولا ۾ هئي ۽ ويجهو پهچي رهي هئي.
هن چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروائيون خطرن سبب گهٽ ئي ڪيون وينديون آهن، ڇو ته ان ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو هوندو آهي.
ٽرمپ موجب، آمريڪي فورسز ايران اندر اٽڪل ست ڪلاڪن تائين آپريشن جاري رکيو.

آمريڪي ريسڪيو آپريشن ناڪام رهيو، ٻه آمريڪي C-130 جهاز ۽ ٻه بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر تباهه ڪيا: ايراني اختياريون
ايراني هٿياربند فوج جي گڏيل ڪمان خاتم الانبياءَ سينٽرل هيڊڪوارٽر جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ڏکڻ اصفهان جي هڪ غيرفعال هوائي اڏي تي آمريڪي فوج جو مبينا ريسڪيو آپريشن مڪمل طور ناڪام ٿي ويو.
بيان موجب، ڪيرايل آمريڪي جهاز جي پائلٽ کي بچائڻ وارو آپريشن ايراني هٿياربند فوج جي وقتائتي موجودگي سبب ناڪامي جو شڪار ٿيو.
ترجمان چيو ته وڌيڪ جاچ مان پتو پيو ته هن ڪارروائي دوران آمريڪي فوج جا ٻه C-130 فوجي ٽرانسپورٽ جهاز ۽ ٻه بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر تباهه ٿيا.
بيان ۾ چيو ويو ته ان واقعي سبب آمريڪي فوج جي لڳاتار ناڪامين ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ اهو ثابت ٿيو آهي ته هو هن جنگ ۾ سرسي حاصل ڪندڙ قوت ناهي.
ترجمان موجب، هن ڪارروائي کانپوءِ آمريڪي صدر نفسياتي جنگ ذريعي صورتحال تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته زميني حقيقتون ايراني هٿياربند فوج جي سرسي ظاهر ڪن ٿيون.

ايران ۾ آمريڪي پائلٽ جي ڳولا دوران 2 بليڪ هاڪ جنگي هيليڪاپٽر ۽ هڪ C-130 جهاز تباهه ٿيو: آمريڪي ميڊيا
آمريڪي ميڊيا موجب، آمريڪي پائلٽ جي ڳولا دوران 2 بليڪ هاڪ جنگي هيليڪاپٽر تباهه ٿيا، جڏهن ته ايراني شهر اصفهان جي ڏکڻ ۾ C-130 ڪارگو جهاز پڻ تباهه ٿيو.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوج ڄاڻي واڻي ٻنهي هيليڪاپٽرن ۽ ٽرانسپورٽ جهاز کي تباهه ڪيو.
عرب ميڊيا موجب، ايراني فوج جي مزاحمت سبب آمريڪي فوج کي هيليڪاپٽرن ۽ جهازن جي قرباني ڏيڻي پئي، ڇو ته جهازن ۾ موجود حساس ڄاڻ لڪائڻ لاءِ انهن کي ناڪارا بڻائڻ اڻٽر هو.

سعودي سرحد ويجهو پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي حملو، ڪيترن هنڌن تي باهه لڳي وئي
سعودي سرحد ويجهو پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي حملو ڪيو ويو، حملي کانپوءِ بروج پيٽروڪيميڪل پلانٽ ۾ ڪيترن هنڌن تي باهه لڳي وئي آهي.
ابوظهبي اختيارين جو چوڻ آهي ته پيٽروڪيميڪل پلانٽ ۾ باهه ميزائل جي ملبو ڪِرڻ سبب لڳي، بروج پلانٽ جون هڙئي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن، بروج پيٽروڪيميڪل پلانٽ ابوظهبي جو وڏو صنعتي مرڪز آهي.

ڀارتي اخبار جو نار ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف
ڀارتي اخبار فرسٽ پوسٽ نار ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪندي چيو ته مصر، ترڪي ۽ سعودي عرب آمريڪا-ايران رابطن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي.
فرسٽ پوسٽ جي رپورٽ موجب، چئن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس مان پاڪستان کي سفارتي ڪاميابي ملي، ايران پاڪستاني جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏئي اعتماد جو اظهار ڪيو.

ايراني پاسداران انقلاب پاران آمريڪي C-130 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪا جو C-130 جهاز تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان سان گڏ ڊرون به تباهه ڪيا ويا آهن.

آمريڪي صدر تهران تي ڇتي بمباري جي وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني راڄڌاني تهران ۾ سخت بمباري جي وڊيو پنهنجي سوشل پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي شيئر ڪندي لکيو ته ” ايراني فوج جا ڪيئي ليڊر، جيڪي انتهائي خراب نموني قيادت ڪري رهيا هئا، ختم ڪيا ويا آهن.“

اسرائيل جا ايران جي پيٽروڪيميڪل پلانٽن تي حملا، 5 ڄڻا شهيد، 170 زخمي
آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج جا ايران تي حملا جاري آهن، ايران جي پيٽروڪيميڪل ٿاڪن تي حملي ۾ 5 ڄڻا شهيد جڏهن ته 170 زخمي ٿي پيا آهن.
آمريڪا ايران جو شاهڪار اسپورٽس اسٽيڊيم به تباهه ڪري ڇڏيو، هن اسٽيڊيم ۾ تاريخي ميچ ٿيندا هئا، پر هاڻي هتي هر پاسي تباهي پکڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.