واپارين پاران پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف گڏهن ۽ گهوڙن تي چڙهي احتجاج جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) واپارين پاران سومر ڏينهن حڪومت جي خلاف  برنس روڊ کان پريس ڪلب تائين گڏهن ۽ گھوڙن تي احتجاج  ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ،واپاين پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن تي حڪومت مٿان نااهلي ۽ ڪرپشن جو الزام مرهيو آهي .موبائل ڊيلرز ايسوسيئيشن آفس صدر ۾ آل سٽي ٽريڊرز، گڊز ٽرانسپورٽ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل گوپلاڻي جو چوڻ آهي ته حڪمران نااهل ۽ سبسڊي ذريعي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سندن کيسي ۾ پئي وڃي، حڪمرانن کي عوام تي رحم ڪرڻ گهرجي.گڊز ٽرانسپورٽ جي غلام ياسين، جو چوڻ آهي ته جهڙي طرز تي ڊيزل اگهه وڌيا آهن ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، غريب دلاسن ۾ کاڌي، صحت سميت سهولتن کان محروم ٿيندو وڃي، موبائل ڊيلرز جي منهاج گلفام جو چوڻ آهي ته ايشيا جي سڀ کان وڏي موبائيل مارڪيٽ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿي، مهانگائي سبب ان جا ملازم بدحالي ۽ خودڪشي جي حالتن ۾ مبتلا جو شڪار ٿي ويا آهن .واپاري اڳواڻن حڪمرانن تي ملڪ کي خانگي ڪمپني طرز تي هلائڻ جو الزام لڳايو ۽ چيو ته ڪاروبار ختم ٿي ويو، مارڪيٽون ۽ رستا ويران ٿي ويا آهن، دبئي طرز تي سبسڊي ڏني وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.