خالد مقبول جي وڏن کي ڪنهن به هندستان مان پاڪستان اچڻ لاءِ نه چيو هو:عوامي تحريڪ

ڪراچي (رپورٽر ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته مهاجر قومي موومينٽ هجي، متحده هجي  يا ايم ڪيو ايم پاڪستان يا لنڊن، اهي سڀ گروهه پهرين ڏينهن کان ئي نفرت، لسانيت ۽ ورهاڱي جي سياست ۾ مصروف رهيا آهن. اڳواڻن چيو آهي ته قائدِ اعظم محمد علي جناح ڪڏهن به خالد مقبول صديقي جي ابن ڏاڏن کي پاڪستان اچڻ لاءِ نه چيو هو ۽ نه ئي قراردادِ پاڪستان ۾ ڪٿي اهو لکيل آهي ته پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ آبادي جي مٽاسٽا ٿيندي. بيان ۾  اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي اصل تاريخ ميساري پاڪستان مخالف ڪوڙو بيانيو جوڙيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو آهي ته نفرت، تعصب ۽ لسانيت جي سياست ڪندڙ ڪڏهن به عوام ۽ وطن دوست نٿا ٿي سگهن. آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.