تيل اگهن ۾ معمولي گهٽتائي ڪري حڪومت احسان نه جتائي:امداد قاضي

حيدرآباد(پ ر) پاڪستان ۾ ايل اين جي، ايل پي جي، مٽي جي تيل، گئس، ڊيزل، پيٽرول ۽ انجڻ آئل سميت پيٽروليم جي ڪنهن به  قسم جي شين جي قيمتن ۾ بي انتھا واڌ، هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ پوءِ عوام جي شديد مخالفت کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ معمولي گهٽتائي ڪري احسان جتائڻ جو ڍونگ بند ڪيو وڃي۔حڪومت جو عوام جي خوف کان ڪوڙي بيان بازي ان ڳالهه جو اظهار، ثبوت آهي ته ملڪ سنگين معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ حڪمرانن وٽ نه ڪا صنعتي پاليسي آهي، نه زراعت، زرعي شعبي ۽ زمين سان جڙيل ڪاروبارن بابت ڪا پاليسي آهي ۽ نه ئي واپار ۽ ڪاروبار بابت ڪا واضح رخ ۽ پاليسي موجود آهي۔سڀني رياستي خرچن ۽ معاملن کي هلائڻ لاءِ وقت بوقت ملڪ جي 98 سيڪڙو آبادي تي اضافي بار وڌو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جا پورھيت ، مزدور، ملازم، عورتون، هاري، ننڍا زميندار، پنهنجو ڪاروبار ڪندڙ، ڏهاڙي دار، غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن۔اهي ڳالهيون پاپولر ليفٽ الائنس ۾ شامل 10 عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي جماعتن جي قيادت باهمي مشاورت کان پوءِ ميڊيا لاءِ جاري ڪيل هڪ پريس اعلاميه ۾ حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي تي سخت احتجاج ڪندي ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.