حڪومت کي عالمي منڊي مان تيل 246 رپيا ليٽر ملي ٿو:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پاڪستان حڪومت کي عالمي منڊي مان  تيل 246 روپيا في ليٽر ملي ٿو، ان جي قيمت ٻيڻي وڌائڻ عوام جو معاشي قتل برابر آھي. وزيراعظم 458 روپين مان قيمت 80 روپيا گھٽائي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آھي. ملڪ جون معاشي پاليسيون پورھيت دشمن آھن، ان ڪري فوري طور تي پيٽروليم مصنوعات جون وڌايل قيمتون واپس ڪيون وڃن. ڊيزل تمام گھڻو مھانگو آھي، ڊيزل جي قيمت نه گھٽائي وئي ته ان جو وڏو اثر زراعت تي پوندو. مھانگائي جي ڪري سارين سميت ٻيا فصل پوکجي نه سگھندا. دوائن سميت عام استعمال جون سموريون شيون مھانگيون ٿي وينديون. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران بي حس ٿي چڪا آھن. ھزار روپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ روزانو پنج سئو روپيا پئٽرول ڪيئن ڀرائي؟ سفر تمام مھانگو ٿي ويو آھي. ھر شئي ٽرانسپورٽ ذريعي پھچي ٿي، جنھنڪري ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾  واڌ جي نتيجي ۾  پاڪستان جي 22 ڪرڙو عوام لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو مھانگائي وڌندي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.