لاڙڪاڻو/قمبر(رپورٽ: ساجد تنيو+محمود شيخ ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ عرفان جتوئي جي دعوت تي سندس رهائشگاهه پهتو جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم پيٽروليم ليوي مان 80 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي، شايد وزيراعظم هڪ ڪن کان ٻڌي ٿو پر ان جا ٻئي ڪن ڪم نه ٿا ڪن، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 160 روپيا آهي جيڪا پوري لهڻ گهرجي جنهن سان ماڻهن جون معاشي حالتون بهتر نه ٿينديون، ڇاڪاڻ هميشه گهٽ ڪمائيندڙ واري معيشت ۽ غريب کي ڏسڻو پوندو آهي، وزيراعظم کي گهرجي ته پورا 160 روپيه لاٿ ڪري، ڊيزل سان سڄي ٽرانسپورٽ ۽ زراعت سان وابسته آهي ان جو واضع اعلان ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اڄ به متحده عرب امارات 2 بلين ڊالر واپس ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي جيڪڏهن خزانو ائين خالي ڪندا ۽ وري آمدني نه ٿيندي ۽ ايڪسپورٽس نه ٿينديون ته اسان سان نقصان ٿيندو تنهن ڪري پيٽروليم قيمتن کي گهٽايون وڃن جنهن سان ٿورو گهڻو شهري سوسائٽي تي فرق پوندو پر زراعت، واپاري ۽ صنعت کي فائدو پهچندو تنهن ڪري وزيراعظم کي ڪم جو اعلان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا آهن، اتحاد کي چونڊن دوران فعال ڪيو وڃي ها ته بهتر هو پر سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اتحاد جو حصو آهي