افغانستان ۾ به پيٽرول پاڪستان کان سستو ٿي ويو، عوام حيران!

لاهور (م ڊ) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي واڌ کانپوءِ پاڪستان خطي جو مهانگو ترين ملڪ بڻجي ويو آهي. اڳوڻي ناڻي وزير تيمور سليم جھڳڙا حڪومتي قدمن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايستائين جو افغانستان ۾ به پيٽرول پاڪستان کان سستو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت ليوي ۽ ڊيوٽيز لڳائي عوام جي کيسي تي ڌاڙو هڻي رهي آهي. تازي رپورٽ موجب ڀارت ۾ پيٽرول  303 رپيا، بنگلاديش ۾ 263 رپيا ۽ سريلنڪا ۾ 352 رپيا (پاڪستاني روپين ۾) وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اها قيمت 378 رپين تائين پهچي وئي آهي. عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته هن واڌ سان ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو جنهن سان غريب جو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.