جنگي حالتون آهن،حڪومت مني بجيٽ آندي ته حمايت ڪنداسين:بلاول

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) پاڪستان پيپلزپارٽي باني ۽ پاڪستان جي پهرين چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ڳڙهي  خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي وئي. پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي لاڙڪاڻي پاران منعقد ڪيل ورسي جي تقريب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي شرڪت ڪئي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائي رهيا آهيون جيئن ته هر سال ڦاهي واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هر سال ملهائيندا آيا آهيون اسان هر سال ورسي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام لاءِ وڏو جلسو منعقد ڪندا آهيون اهڙي طرح اسان هن سال ورسي جي تقريب نه ڪري سگهياسين ڇاڪاڻ ته اسان جي خطي ۾ جنگ جي صورتحال آهي اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه جي شهادت ٿي ۽ ايران جي هڪ اسڪول تي ٿيل حملي ۾ جنهن ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا شهيد ڪيا ويا انهن جي احترام ۾ ورسي جي تقريب ملتوي ڪئي. ايران جي خلاف جيڪا غيرقانوني جنگ شروع ڪئي وئي ان جي اسان هر پاڪستاني وانگر مذمت ڪيون ٿا. جنگ جي نتيجي ۾ جيڪي اثر صرف ايران تائين محدود نه رهيا ۽ اسان کي خدشو آهي ته هي جنگ پوري دنيا کي لپيٽ آڻي ڇڏيندي ان جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جنگ جي خلاف هوندي آهي اسان جي امن پسند پارٽي امن پسند جماعت آهي،هن چيو ته  اسان سمجهون ٿا ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي هوندو، جڏهن جنگ شروع ٿيندي آهي ته ان سان عام ماڻهن جو نقصان ٿيندو آهي جنگ ۾ عام ماڻهون شهيد ٿيندا آهن ۽ جنگ جا اثر ان علائقي تائين محدود ناهن هوندا جتي جنگ هلي رهي آهي هي جنگ اسرائيل، امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هلي رهي آهي پر ان جا اثر هر پاڪستاني ۾محسوس ٿي رهيا آهن هن جنگ جا اثر توهان جي پيٽرول، بجلي جي قيمت ۾ مهانگائي جي صورت ۾ معاشي بحران جي صورت ۾ نه صرف هر پاڪستاني هي ٻوجهه برداشت ڪري رهيو آهي پر پوري دنيا جا غريب هي بار برداشت ڪري رهيا آهن اسان سڀ دعاگو آهيون تمام طاقتون جيڪي اها ڪوشش ڪري رهيون آهن ته هي جنگ ختم ٿي وڃي ۽ امن بحال ٿي وڃي انهن ڪوششن ۾ اسان جي پاڪستاني حڪومت به شامل آهي هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي مڃڻ وارا آهيون، اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا آهيون اسان تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، اسان هر مشڪل کي منهن ڏيندي هڪ ايڪي سان گڏ سڀني گڏجي هر حالتن جو مقابلو ڪيو آهي انشاالله تعاليٰ اسان هن مشڪلاتن جو مقابلو به ڪري ڏيکارينداسين. ڪجهه سياسي ۽ غير سياسي طاقتون اهڙيون آهن جيڪي نفرت ۽ ورهاست جي سياست تي يقين رکن ٿيون، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست هميشه هن ملڪ کي هن ملڪ جي عوام کي گڏ ڪرڻ جي سياست ڪئي آهي ۽ اسان هاڻي به ائين ئي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين اسان گڏ گڏ اڄ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا شڪر گذار آهيون جنهن پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻايو ۽ اڄ ان ائٽمي پروگرام جي ڪري اڄ ڏينهن تائين شهيد ذوالفقار علي جو ڏنل ائٽمي پروگرام پاڪستان جو دفاع ڪري رهيو آهي جيڪڏهن اڄ اُهي صيهوني قوتون ايران، فلسطين، لبنان، سيريا تي حملا ڪري رهيون آهن جيڪڏهن اڄ هو پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي نه ٿا سگهن ته اِهو قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏنل ايٽمي بم آهي. اسان به ڄاڻون ٿا ۽ شهيد قائد عوام به ڄاڻيندو هو ته هن بم جي بنياد رکڻ پاڪستان کي ايٽمي بم جو تحفو ڏيڻ کيس شهادت سان منهن ڏيڻو پوندو پر قائدعوام پنهنجي اصولن تان پوئتي نه هٽيو ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. شهادت به قبول ڪئي پر قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مسلم اُمه کي ايٽمي طاقت ڏياري، هن چيو ته  اڄ اسان مسلم اُمه کي ڏسون ٿا ته مسلمان ملڪ ورهايل آهن ته اسان شهيدقائدعوام کي ياد ڪندا آهيون، جڏهن قائدعوام هن ملڪ جو وزيراعظم هيو ته نه صرف هو پاڪستان جو ليڊر مڃيو ويندو پر مسلم اُمه جو به ليڊر مڃيو ويندو هو. قائدعوام جي ڪري پوري مسلم اُمه پاڪستان ۾ اچي قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي صدارت ۾ او آءِ سي ڪانفرنس لاهور ۾ ٿي اها تاريخ جو حصو بڻيل آهي.  ڪاش قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اُها سوچ ۽ سياست اڄ پاڪستان نه پر عالمي سطح تي موجود هجي ها ته اڄ به قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي قيادت  جي ضرورت آهي. عالمي سطح تي قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان سياست ۽ سياسي طريقه ڪار پر پاڪستان جي اندر به شهيد ڀٽو جي سوچ ۽ نظريي جي ضرورت آهي. شهيد ڀٽو جي سياست جو نظريو هن ملڪ جي غريب عوام، عام ماڻهو جي لاءِ هو، جيڪڏهن شهيد ڀٽو جي سياست هئي ته اها پاڪستان جي عوام لاءِ هئي، هن  جي سياسي، معاشي ۽ پرڏيهي پاليسي هئي ته هن ملڪ جي غريب عوام لاءِ هئي، مان ڄاڻان ٿو ته مون کي احساس آهي ۽ مان محسوس ڪيان ٿو هن وقت پاڪستان جا عوام جنهن مشڪل مان گذري رهيا آهن. خاص طور معاشي مشڪلاتون آهن، اهڙيون مشڪلاتون اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ڏٺيون آهن، پاڪستان جو عوام ڄاڻي ٿو ته هي جنگ پاڪستان جو قصور ناهي، جن جنگ شروع ڪئي آهي انهن جا ارادا ڪهڙا آهن، عوام هن جنگ جي نتيجي ۾ معاشي مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيو آهي اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڇا سوچي رهيون آهن ته عام ماڻهن ۽ غريب ماڻهن کي هن ڏکي دور ۾ ڪهڙي نموني سهولتون ڏنيون وڃن، پاڪستان جي عوام کي خبر آهي ته صوبائي حڪومتن وٽ ڪهڙا ڪهڙا وسيلا آهن ڪهڙين ڪهڙين مشڪلاتن سان وفاقي حڪومت منهن ڏئي رهي آهي، اهڙن مشڪلاتن جي باوجود اسان محنت ڪئي آهي. سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ پختونخواهه حڪومتن وفاقي حڪومت سان ملي ڪري هنن مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ ڪهڙي پاليسي ڏئي مدد پهچائي سگهون ٿا ان تي گهڻو ڪم ڪيو. اسان عيد جي موقعي تي لاڙڪاڻو نئون ديرو هئاسين ته اسلام آباد وارا آيا، اسان جا وفاقي وزير آيل هئا جن بريفنگ ڏني ته جڏهن کان هي جنگ شروع ٿي آهي ۽ مارچ جي آخر تائين وفاقي حڪومت هڪ پلانٽينڊ پيٽرول سبسڊي ڏني جيئن پوري دنيا ۾ مهانگائي جو مسئلو آهي ان سان پاڪستان جي عوام ۾ مشڪلات ۾ گهٽتائي اچي، پر اپريل جي شروع کان وٺي وفاقي حڪومت وٽ اُها گنجائش نه هئي ته اها سبسڊي جاري رکي اهڙي صورتحال ۾ هڪ ئي وقت اسان جي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي، اسان پريشان ان جي ڪري آهيون ته تاريخي واڌ سان گڏوگڏ مهانگائي ۾ گهٽتائي نه پئي ٿئي ان مهانگائي ۾ تاريخي اضافي جو آغاز ٿيڻو هو ان جو بار پاڪستان جي غريب ماڻهن کي کڻڻو هو. ان صورتحال ۾ اسان جي ڪوشش ۽ درخواست اِها هئي ته اهو ممڪن ناهي ته سبسڊي جاري رهي نه ٿي سگهي ته پوءِ ڇا ڇا ڪري سگهجي ٿو ته جيئن اسان عوام تائين ڪجهه ڪجهه رليف پهچائي سگهون،هن چيو ته  اسان تيار هئاسين ته جتي وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائيندي خرچ ڪري ها اتي صوبائي حڪومتون به پنهنجي بجيٽ کي ڪٽي ڪري پنهنجو حصو وجهن اهڙي قسم جا پروگرام شروع ڪري سگهن. اسان سنڌ ۾ بينظير هاري ڪارڊ جي شروعات ڪئي ته جڏهن ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو ته اسان جي زرعي شعبي کي جڏهن نقصان ٿيندو ته اسان پئسن جي ذريعي مدد ڪري سگهون تنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن ڪارڊ جي ننڍن آبادگارن کي معاشي مدد ڏني ويندي ته جيئن قيمتن ۾ واڌ جي ڪري ان جو فائدو ننڍن آبادگارن تائين پهچي ۽ اسان انهن کي هن مشڪل وقت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سپورٽ ۽ مالي مدد ڏئي سگهون، مان وزيراعليٰ ۽ ان جي ٽيم جو شڪرگذار آهيان ته هو هن پروگرام کي فعال ڪري آبادگارن کي مدد پهچائي، هن چيو ته  اسان فيصلو ڪيو ته سنڌ حڪومت موٽرسائيڪل هلائيندڙن جي لاءِ سبسڊي متعارف ڪرائيندي انهن کي مالي مدد فراهم ڪريون اسان کي خبر ناهي ته هي حالتون ڪيسيتائين هلنديون، اڳتي هلي ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون آبادگارن کي مدد فراهم ڪرڻ چاهن ته ان جو به طريقه ڪار اهو ئي آهي، موٽرسائيڪل هلائيندڙن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته موٽرسائيڪل ان جي نالي رجسٽرڊ هجي، سنڌ حڪومت کي گذارش ڪندس ته موٽرسائيڪل نالي ڪرڻ جي فيس به معاف ڪئي وڃي، ته جيئن هو فائدو وٺي سگهن. وڏي پريشان ڪندڙ  ڳالهه اها آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت عام ماڻهو جي پهچ .کان ٻاهر ٿيندي ۽ جيتري مهانگائي ٿيندي اوترو ئي هي چئلينج وڌندو رهندو. تنهن ڪري سنڌ صوبي اهو فيصلو ڪيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ کي جيڪي سهولتون آهن ان ۾ پيپلز بس سروس ۽ پرائيوٽ ٽرانسپورٽ سهولتون آهن انهن سان سهڪار ڪيون سنڌ حڪومت انهن کي مالي مدد ڏئي، انهن جي فيس ۽ ڪراين ۾ واڌ نه ٿئي جيسيتائين مهانگائي ۽ عالمي صورتحال جي ڪري پيٽرول جي ڪري اضافو ٿي رهيو آهي،هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جلد ٽرانسپورٽ تنظيمن سان ملي ڪري هن سهولت بابت ٻڌائيندو، ان سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت جو اسان جي مشاورت سان اسان جي سوچ هئي ته گڊس ٽرانسپورٽ کي ڊيزل ۾ تاريخي اضافي جي ڪري اڳتي مهانگائي تي جيڪو اثر پوندو ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اسان ٽرانسپورٽرن جي به مدد ڪنداسين. هن چيو ته  وفاقي حڪومت وٽ تمام وڏو ادارو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آهي، حڪومت چئني صوبن جي غريب عورتن کي مالي مدد پهچائي رهي آهي. اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان سوچ تحت پروگرام جي شروعات ڪئي جنهن ۾ غريب عورتن کي مالي مدد پهچائي سگهجي ٿو خاص طور ملڪ اهڙي صورتحال سان منهن ڏئي رهيو آهي ان ۾ اسان صدر زرداري جي هن منصوبي تي سندس جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. جيڪڏهن حڪومت عوام تائين مالي مدد پهچائي ٿي ته اهو ئي صاف ۽ شفاف طريقو آهي جنهن سان مستحق ملڪ جي هر صوبي جي ضلعي ۾ موجود آهن ان جو جائزو ورتو وڃي ته جيڪڏهن مستحق غربت جي لڪير کان هيٺ آهن انهن کي رليف فراهم ڪجي، في الحال بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ واڌ ممڪن ناهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت فيصلو ڪري وقت کان اڳ مني بجيٽ آڻڻي آهي ته ان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي رليف ڏنو وڃي ته جيئن عام عوام کي هي رليف فراهم ڪجي. اسان ڄاڻون ٿا ۽ احساس آهي ته هي سڀني جي لاءِ مشڪل وقت آهي جيڪڏهن پاڪستان ۽ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي وسيلا استعمال ڪرڻا آهن ته ان تي پهريان ملڪ جي غريب ۽ هارين جو حق آهي ان لاءِ پاڪستان ۾ اتفاق راءِ هئڻ گهرجي ۽ سياسي اختلافن کي پري رکي ملڪ لاءِ هڪ ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم هائوس ۾ جيڪي گڏجاڻيون ٿيون انهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ڪي پي ڪي جو وزيراعليٰ به موجود هو، هن چيو ته  اختلاف نه هجي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا قوت ناهي جيڪا پاڪستان کي ورهائي يا ٽوڙي سگهندي. پاڪستان اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ۽ انشاءَ الله تعاليٰ هن امتحان ۽ مشڪل جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، فتح اوهان جي هوندي. هن سال سمورن مشڪلاتن جي باوجود لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي تنظيمي نمائندن سان گڏجي قائدعوام جي ورسي ملهائي رهيو آهيان. دعا آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڊسمبر ۾ ٿيندڙ ورسي ۾ جنگي حالتون ۽ مشڪل حالتون نه هجن ۽ معاشي حالتون ختم ٿين. ورسي تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاھ، اڳوڻو صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، ايم پي اي نثار کهڙو، ايم پي اي جميل سومرو، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.