”وقت ختم ٿي رهيو آهي، معاهدو ڪيو يا آبناءِ هرمز کوليو“ ٽرمپ جو ايران کي الٽيميٽم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران وٽ 48 ڪلاڪ آهن ته ڪنهن معاهدي تي پهچي يا آبناءِ هرمز کولي، ٻي صورت ۾ ان تي قيامت ٽُٽي پوندي.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته ”اهو وقت ياد رکو جڏهن مون ايران کي ڏهه ڏينهن ڏنا هئا ته يا ته معاهدو ڪن يا ايراني نار کولين، هاڻي وقت ختم ٿي رهيو آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته ”48 ڪلاڪ باقي آهن، ان کانپوءِ مٿن قيامت ٽُٽي پوندي.“
واضح رهي ته 27 مارچ تي ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته هو ايراني توانائي ٿاڪن تي ڪنهن به امڪاني حملي کي ڏهه ڏينهن لاءِ روڪي رهيو آهي.
ان کان ٿورو اڳ هڪ ٻي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ جنهن ۾ هن آمريڪي معيشت تي ٽيڪسن جي اثرن جو ذڪر ڪيو ۽ آخر ۾ لکيو ته ”سڀني سان گڏوگڏ، هڪ ايٽمي ايران کان ڇوٽڪارو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.