لاهور( ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي ۾ موٽرسائيڪل رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر فيس ختم ڪندي عوام لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي بيان ۾ چيو ته پنجاب جي عوام لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ صوبي ۾ موٽر بائڪ رجسٽريشن فيس چارجز ختم ڪئي وئي آهي.
مريم نواز چيو ته موٽر بائڪ ٽرانسفر فيس به معاف ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هر رجسٽرڊ بائڪ کي 2 هزار رپيا ماهوار سبسڊي ڏني ويندي.
هن چيو ته هر رجسٽرڊ بائڪ کي ماهوار 20 ليٽر پيٽرول تي سبسڊي ڏني ويندي، جنهن ۾ 20 ليٽر پيٽرول في ليٽر 100 رپيا سبسڊي شامل آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته فيول سبسڊي لاءِ موٽر بائڪ مالڪ هيلپ لائن 1000 تي ڪال ڪري سگهن ٿا، اسان عام ماڻهوءَ جو معاشي ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون.