سني ليون جي بالي ووڊ کان هالي ووڊ ڏانهن اُڏار، نئين سيريز ”دي جائنٽ“جو حصو بڻجي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سني ليوني پنهنجي ڪيريئر ۾ هڪ نئون سنگ ميل طئي ڪندي هالي ووڊ جي نئين سيريز ”دي جائنٽ“جو حصو بڻجي وئي آهي.
فلم ”ڪينيڊي“ ۾ شاندار اداڪاري کانپوءِ سني ليوني هاڻي آمريڪي سيريز ۾ هڪ اهم ۽ طاقتور ڪردار ۾ نظر ايندي.
هن بين الاقوامي پروجيڪٽ ۾ سني ليوني هڪ ريزرويشن شريف ”ڪوآنا ڊيئرليف“ جو ڪردار ادا ڪندي، جيڪو سندس ماضيءَ جي ڪردارن کان بلڪل مختلف آهي.
هن سيريز جو ليکڪ ڪيون بي پلاٿ آهي، جڏهن ته ان کي آرٽيمس ٿيٽريڪل پروڊڪشنز تيار ڪري رهي آهي.
سني ليوني پنهنجي جوش جو اظهار ڪندي چيو ته ”هي ڪردار مون لاءِ بلڪل نئون ۽ دلچسپ آهي، مون اڳ ڪڏهن به اهڙو ڪم ناهي ڪيو، ان ڪري مان هن نئين سفر لاءِ تمام گهڻو پراميد آهيان.“
هن چيو ته ” مون کي اميد آهي ته منهنجا مداح مونکي هن نئين روپ ۾ پسند ڪندا.“
سني ليوني گذريل ڪيئي سالن کان مسلسل پنهنجي ڪردارن ۾ تبديلي آڻي رهي آهي.
بالي ووڊ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز کانپوءِ هاڻي آمريڪي سيريز ۾ شريف جو ڪردار ادا ڪرڻ سندس عالمي سطح تي وڌندڙ مقبوليت جو ثبوت آهي، هن سيريز جي شوٽنگ جلد شروع ڪئي ويندي، جنهن لاءِ مداح به تمام گهڻو منتظر آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.