ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن طوفاني برساتن ۽ تيز هوائن کانپوءِ روڊن جو دٻجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فيروز آباد ٿاڻي جي حد طارق روڊ تي هڪ هلندڙ گاڏي اوچتو روڊ ويهڻ سبب کڏي ۾ ڪري پئي. واقعي وقت گاڏي ۾ ٻه عورتون سوار هيون، جيڪي کڏي ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب اندر ئي ڦاسي پيون. موقعي تي موجود شهرين، پوليس اهلڪارن ۽ ٽريفڪ پوليس فوري طور تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪري عورتن کي محفوظ طور تي ٻاهر ڪڍيو، جنهن کانپوءِ ٽريفڪ پوليس پاران پرائيويٽ لفٽر گهرائي زمين ۾ دٻجي ويل گاڏي کي به ٻاهر ڪڍيو ويو. ٽريفڪ سيڪشن طارق روڊ جي ايس او نواز سيال موجب، جنهن جڳهه تي روڊ دٻجي ويو اتان لڳ ڀڳ 20 کان 25 فٽ هيٺان سيوريج جي وڏي لائين گذري رهي آهي ۽ اتي سيڪيورٽي جو مين هول به موجود آهي. انتظاميا پاران روڊ جي متاثر حصي کي رنڊڪون لڳائي بند ڪيو ويو آهي ته جيئن وڌيڪ ڪو حادثو پيش نه اچي.