ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) تيل جي اگهن ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ ڪراچي ۾ عوام جي اچ وڃ جا ذريعا انتهائي مهانگا ٿي ويا آهن، جنهن سبب عام شهرين ۽ پورهيت طبقي جو بجيٽ تباهه ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب، رڪشا ڊرائيورن پنهنجي طور تي ڪراين ۾ 30 کان 150 روپين تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. قيوم آباد جي رڪشا ڊرائيور رستم احمد موجب، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ڪرايو 40 روپيا ۽ وڏي فاصلي جو ڪرايو 120 روپين کان به مٿي ٿي ويو آهي. موٽرسائيڪل تي سفر ڪندڙ پورهيتن لاءِ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي. سرجاني کان ڪورنگي ويندڙ هڪ پورهيت سعود شاهد ٻڌايو ته سندس ماهوار تيل جو خرچ هاڻي 27 هزار روپين کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته موٽرسائيڪل جي سار سنڀال سميت اهو خرچ 30 هزار روپين تائين پهچي ٿو. اهڙي صورت ۾ 35 کان 40 هزار پگهار کڻندڙ پورهيت لاءِ گهر جو گاڏو هلائڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. ايم اي جناح روڊ تي پيٽرول پمپ جي انچارج عبدالرحمان موجب، اڳي موٽرسائيڪل سوار 100 روپين جو پيٽرول وجهرائيندا هئا پر هاڻي گهٽ ۾ گهٽ 250 روپين جو تيل وجهرائڻ مجبوري بڻجي ويو آهي. ٻئي طرف، مزدور اڳواڻن ۽ پورھيتن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرين هاڻي مهانگي ڪراي جي ڪري پيدل سفر کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي آهي.