ملڪ اوڌر جي پئسن تي ھلايو پيو وڃي،ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏل آهي: زين شاهه

ڏوڪري(ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته سنڌ جي ھزارين سالن جي قديم تھذيب جو پڙاڏو سدائين گونجندو رھندو، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جياپي جو واحد اھڃاڻ سنڌو درياءُ آھي، جيڪو ڏينھن قيامت تائين قائم ۽ دائم رھندو.ملڪ اوڌر جي پئسن تي ھلايو پيو وڃي،ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏل آهي.ڏوڪري ويجھو ڳوٺ حڪيم  سنديلو ۾ قومپرست اڳواڻ مشتاق سنديلو طرفان منعقد ڪيل قومي ڪچھري کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته حڪومت جي انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 33 سيڪڙو غربت آھي، سنڌ ۾ 6 ڪروڙ مان 2 ڪروڙ ماڻھو صرف ھڪ ويلو ماني کائيندا آهن،ھن چيو ته نيڪال جو نظام، زرعي نظام ۽ مينھن جو پاڻي گڏائي شھرين کي زھر پياريو پيو وڃي.ملڪ اوڌر جي معيشت تي ھلايو پيو وڃي،ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏل آھي. بيوروڪريسي ۾ ڪرپشن عروج تي آھي، سنڌ جي گيس، تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪيو ويو آھي، موھن جو دڙو جي ڪک ۾ رھندڙ ماڻھن جي زندگي ۾ 5 ھزار سالن ۾ تبديلي نه آئي آھي،سنڌ جو ماڻهو ترقي بجاءِ اڃان زوال طرف وڌندو ٿو رهي. ھن چيو ته سنڌ تي حق حڪمراني، اختيار ۽ خودمختياري لاءِ جدوجھد ڪرڻ ھر سنڌي ۽ سنڌ ۾ رھندڙن مٿان فرض آھي، ايس يو پي ڪڏھن به پنھنجي منشور تان پوئتي نه هٽندي. ھن چيو ته ھزارين سالن کان وھندڙ سنڌو جي موجن کي روڪڻ، ھزارين ايڪڙ زمين، معدنيات ۽ وسيلن جي ڦر لٽ خلاف ميدان تي جدوجھد جاري آھي، ھر صورت ۾ قوم جا حق وٺنداسين. قومي ڪچھري ۾ روشن ٻرڙو، صدر ڀٽي، روشن ڪلھوڙو، محسن ملاح، ميڊم شيبا مغل، ڊاڪٽر مظھر مغل، محمود ڀٽو،ياسر سنديلو،شفيق سنديلو،عبدالحفيظ سنديلو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.